وزيراعظم ۽ وزيرن کي مري سانحي تي معافي وٺڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مني بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، حڪومت ان کي واپس وٺي ان جي ايوان اندر ۽ ٻاهر ڀرپور مخالفت ڪنداسين، مراعات يافته طبقي کي ساڍا چار کرب روپيا ٽيڪس کان ڇوٽ ڏنل آهي، مني بجيٽ ۾ لڳايل  ٽيڪس غريب عوام جو رت نچوڙي حاصل ڪيو ويندو، هن چيو ته عوام هاڻي مهانگائي جو عذاب هاڻ وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهندو، قومي سلامتي جي صلاحڪار جي سلطاني شاهدي ثابت ڪري ڇڏيو ته حڪمران آمريڪا جا غلام آهن، هن چيو ته مري ۾ ماڻهن جي موت حڪومت جي بدانتظامي ۽ لاپرواهي سبب ٿي، اميد هئي ته وزيراعظم ۽ وڏو وزير پنهنجي نااهلي تي قوم کان معافي گهرندا پر وزير ڳجهي طرح سياحن تي ملبو اڇلائي رهيا آهن، وزيراعليٰ، گورنر هائوس، سرڪاري ريسٽ هائوس مري ۾ غريبن لاءِ ڇو نه کوليا ويا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.