نواز شريف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، اپوزيشن پارٽيون ان هائوس تبديلي لاءِ متحرڪ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽيون ان هائوس تبديلي جي لاءِ متحرڪ ٿي ويون، ن ليگ ۽ جميعت علماءِ اسلام  (جي يو آءِ) ۾ ان حوالي سان رابطو به ٿيو آهي.

ان ئي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اسلام آباد ۾ ملاقات به ٿيندي.

شهباز شريف کي ان ملاقات جي لاءِ نواز شريف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي، شهباز شريف ملاقات ۾ اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ان هائوس تبديلي تي راضي ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سان رابطي بعد ن ليگ ۽ پ پ جي وچ ۾ به رابطن ۾ اڳڀرائي ٿيندي.

ذريعن ٻڌايو ته ن ليگ موجب هنن ڪڏهن به ناهي چيو ته وزير اعظم عمران خان کي غير آئيني طريقي سان هٽايو وڃي، اسان آئيني طريقو ئي اختيار ڪنداسين، جيڪو ان هائوس تبديلي آهي.

ليگي اڳواڻن جو موقف آهي ته پ پ ۽ ن ليگ جي گڏ ٿيڻ سان ان هائوس تبديلي ۾ مشڪل پيدا نه ٿيندي.

ذريعن موجب ن ليگ جو چوڻ آهي ته پ پ ۾ به ڪجهه ماڻهو فوري طور عام چونڊن بابت اسان جي موقف جي حمايت ڪن ٿا، اميد آهي ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ ايندڙ چونڊن جي معاملي تي جلد اتفاق ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.