”نئين پاڪستان ۾ رڳو عوام جو رت سستو باقي هر شئي مهانگي آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مري سانحي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو منهنجو نه سڄي اپوزيشن جو مطالبو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر ڦاٿل شخص جي مدد ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر هيءَ حڪومت مري ۾ ڦاٿل ماڻهن جي اها مدد نه ڪري سگهي، جيڪا ڪرڻ گهربي هئي.

هن چيو ته جڏهن لکين ماڻهو مري پهتا ته وزير صاحب آجيان ڪندي چيو معيشت بهتر ٿي وئي آهي پر  ٻئي ڏينهن ئي وزير صاحب چيو ته ايڏن ماڻهن کي مري نه وڃڻ گهرجي ها، حادثو ٿيو ته حڪمرانن عوام کي ئي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ رڳو عوام جو رت سستو آهي، باقي هر شئي مهانگي آهي، مري سانحي وقت پنجاب جو وڏو وزير پارٽي گڏجاڻي ۾ مصروف هو ۽ جڏهن معاملو مينيج ٿي ويو ته هن مري جو فضائي دورو ڪيو، مري نٿا وڃي سگهو ته متاثر خاندانن وٽ ئي هليا وڃو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته واقعي تي حڪومت ۽ ان جا وزير جيڪا سياست ڪري رهيا آهن، ان جي مذمت ڪيون ٿا، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته حڪومت سياست کان اڳ انسانيت سکي، عوام سان ظلم بند ڪري ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائي، مري واقعي جا جيڪي به ذميوار آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.