ميڊيڪل شاگردياڻي جو مبينا آپگهات، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نوٽيس وٺي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاهه ۾ مبينا بليڪ ميلنگ تي شاگردياڻي جي آپگهات جي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ان معاملي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس احمد علي شيخ ٻنهي پوليس آفيسرن کي 13 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ رپورٽ سان گڏ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته دادو ۾ سيتا روڊ شهر جي وارڊ نمبر 7 جي گهر مان ميڊيڪل جي آخري سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر عصمت جميل راجپوت جو گولي لڳل لاش هٿ آيو هو.

مبينا آپگهات کان 2 ڏينهن اڳ شاگردياڻي جي پيءَ خالد جميل جي فرياد تي 4 جوابدارن خلاف بليڪ ميلنگ، هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ثمن سولنگي نالي شخص ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي ڇوڪري کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، جوابدار ڇوڪريءَ کان 90 هزار رپيا به ورتا آهن.

ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ موجب موقعي تي موجود شاهدين مان لڳي ٿو ته ناريءَ کي گولي لڳي آهي، شاهدين موجب ناري ويجهو کان پاڻ کي هٽ ڪيو.

هن ٻڌايو ته واردات واري هنڌان ڇُري واري بندوق هٿ آئي آهي، جڏهن ته شاگردياڻي جو ليپ ٽاپ ۽ موبائل تحويل ۾ ورتي وئي آهي، جن جي فرانزڪ ڪرائي ويندي.

سندس چوڻ هو ته 5 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وئي هئي، جن مان ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 3 فرار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.