اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مري ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو، جڊيشل ڪميشن ٺاهي واقع يجي جاچ ڪرائي وڃي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته ماڻهو 20 ڪلاڪ برفباري ۾ ڦاٿل رهيا، ڪنهن نه پڇيو، مري ۾ ٽريفڪ پوليس موجود نه هئي، نه ڪو انتظام هو، ماڻهو مدد لاءِ سڏيندا رهيا پر ڪير نه پهتو، مري واقعو انتظامي ناڪامي، نااهلي ۽ مجرماڻي غفلت کانسواءِ ڪجهه ناهي.
هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن گهڻي رش هئي ته سياحن کي مري وڃڻ کان روڪڻ لاءِ انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟ موسميات کاتي جي اڳڪٿي باوجود انتظام نه ڪيا ويا، هڪ وزير چيو ته شاندار اڪانامي هلي رهي آهي، لکين ماڻهو مري وڃي رهيا آهن، حادثي وقت هڪ اسلام آباد ۾ سُتل هو ۽ ٻيو مڪاني چونڊن لاءِ ڌانڌلي ۾ رڌل هو.
سندس چوڻ هو ته مري ۾ 23 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار حڪومت آهي، قوم هن حڪومت کي معاف نه ڪندي، جڏهن به موقعو آيو ته حساب وٺندي، واقعي تي سرڪاري آفيسرن جي ڪميٽي ٺاهڻ هڪ ٻيو سنگين مذاق آهي، واقعي بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي.
شهباز شريف مري سانحي جي وزيراعظم جي ٽوئيٽ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن انتظاميا تيار نه هئي ته توهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو، استعيفيٰ ڏيو ۽ گهر هليا وڃن.