حڪومت جو اسلام آباد مڪاني چونڊون اليڪٽرانڪ مشين ذريعي ڪرائڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي فراز چيو ته اي وي ايم جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرز سان ملاقاتون ٿيون، ان معاملي تي بحث هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندو.

هن چيو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اپريل ۾ ٿينديون، جنهن دوران اي وي ايم تحت ووٽنگ ٿيندي، ان سان چونڊون شفاف ٿيڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اي وي ايم جو انگ به ٻڌائي ڇڏيو آهي، ايندڙ هفتي اليڪشن ڪميشن کي مخصوص انگ ۾ اي وي ايم فراهم ڪنداسين.

وفاقي وزير چيو ته اليڪراٽڪ ووٽنگ مشين کي هاڻي عملي طور استعمال ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اي وي ايم سان اليڪشن حقيقت بڻجڻ واري آهي، اليڪشن ڪميشن جي عملي کي تربيت جي لاءِ اي وي ايم فراهم ڪيون وينديون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اي وي ايم جي استعمال لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪندي، صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.

شبلي فراز چيو ته پنجاب سرڪار ۽ چيف سيڪريٽري کي صلاح ڏني آهي ته اي وي ايم جي لاءِ انتظامي معاملا ترتيب ڏنا وڃن، اميد آهي ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون اي وي ايم ذريعي ٿينديون، وزير اعظم سدائين صاف شفاف چونڊن جي ڳالهه ڪندو آهي، جيڪي اي وي ايم سان ممڪن آهن.

سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 2 لک 34 هزار هو، ضايع ٿيل ووٽن جو انگ کٽڻ واري مارجن کان به وڌيڪ هو، ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن جا نتيجا به دير جو شڪار ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.