ڪراچي ۾ مسلسل ٻي ٿڌي ترين رات

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي ۽ گذريل رات به شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 9 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ اتر اولهه هوائون 5 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ گهم جي شرح 90 سيڪڙو آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر ۾ ايندر ٻن ڏينهن دوران پارو 8 کان 10 ڊگري سيٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڇنڇر جي رات به پارو 9 ڊگري تائين ڪِري پيو هو ۽ اها هلندڙ سال جي سڀ کان ٿڌي رات هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.