زيادتي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي ياسر شاهه جو دوست عدالت مان فرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽر ياسر شاهه جو دوست زيادتي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان فرار ٿي ويو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر شاهه جي دوست فرحان الدين خلاف مبينا طور ناري کي هراسان ۽ زيادتي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪري ڇڏي.

ايڊيشنل اينڊ سيشن جج عطا رباني دليل ٻڌڻ بعد ضمانت جي درخواست رد ڪئي.

جوابدار فرحان الدين عدالتي ڪمري مان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

واضح رهي ته پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر شاهه تي زيادتي دوران دوست جي مدد ڪرڻ جو الزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.