اسحاق ڊار جي سينيٽر طور رڪنيت بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ن ليگ جي اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار جي رڪنيت بحال ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي رڪنيت بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته اسحاق ڊار جي سينيٽ آف پاڪستان طور رڪنيت بحال ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪميشن 29 جون 2018 ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي، جون 2018 کان جنوري 2022 تائين اسحاق ڊار جي رڪنيت معطل رهي، اسحاق ڊار جي رڪنيت 9 مارچ 2018 کان بحال ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.