فواد چوڌري ۽ ٻين خلاف نااهلي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي نُنهن، پوٽي ۽ پوٽِيِ پاران وفاقي وزير فواد چوڌري سميت 4 پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف نااهلي جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله سڀاڻي 11جنوري تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته فواد چوڌري، فيصل واوڊا، صداقت عباسي ۽ فرخ حبيب کي 62 ون – ايف تحت نااهل قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ ميڊيا کي توهين عدالت ڪيس جي فيصلي تائين راڻا شميم جي ڪردار ڪشي کان به روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.