خبردار! ڪورونا جو هڪ ٻيو نئون قسم سامهون اچي ويو

 

وچ اوڀر جي ملڪ قبرص ۾ ڪورونا وائرس جو نئون قسم سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم ڊيلٽا ۽ ڏکڻ آفريقي قسم اومي ڪرون کانپوءِ هاڻ هڪ ٻيو ويرينٽ سامهون آيو آهي ۽ هن ڀيري قبرص جي سائنسي ماهرن نئين قسم جي موجودگيءَ جي دعويٰ ڪئي آهي.

قبرص بائيولاجيڪل سائنس جي پروفيسر ڪوسٽرڪس ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ سارس ڪووڊ 2 جي نئين قسم جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪو ڊيلٽا ۽ اومي ڪرون جو هڪ گڏيل قسم آهي.

يونيورسٽي آف قبرص سان واسطو رکندڙ ليبارٽري آف بائيو ٽيڪنالاجي جي سربراهه پروفيسر ڪوسٽرڪس پنهنجي تحقيق جي بنياد تي دعويٰ ڪئي آهي ته قبرص ۾ اومي ڪرون ۽ ڊيلٽا جو هڪ گڏيل قسم سامهون آيو آهي، جنهن کي ڊيلٽا ڪرون جو نالو ڏنو ويو آهي، ان قسم ۾ ڊيلٽا جينوم سان گڏ اومي ڪرون جينيٽڪ جون علامتون ڏٺيون ويون، جنهن بنياد تي ان کي اهو نالو ڏنو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته قبرص ۾ هيل تائين ان نئين قسم ڊيلٽا ڪرون جي 25 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي.

ماهر پروفيسر جي دعويٰ کانپوءِ ماهرن ريسرچ کي وائرس جي جاچ ڪندڙ انٽرنيشنل ڊيٽا بيس موڪلي ڇڏيو آهي پر اڃا تائين ڪنهن به عالمي اداري طرفان نئين قسم جي موجودگي جي تصديق ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.