مري جو نئون نالو ڪوهسار ضلعو رکڻ ۽ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي تعلقي مري کي ضلعي جو درجو ڏيڻ ۽ ان جو نئون نالو ضلعو ڪوهسار رکڻ جي تجويز سامهون اچي وئي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته سياحتي علائقي جي لاءِ ڪوهسار ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري کي ضلعو ڪوهسار بڻائڻ ۽ ڪوهسار ڊولپمينٽ اٿارٽي جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب ضلعي ڪوهسار جي حد بندين جي لاءِ بورڊ آف روينيو کان سفارشون طلب ڪيون ويون آهن، ڪهڙا ڪهڙا علائقا نئين ضلعي ۾ شامل هوندا، ان بابت تجويزن تي ڪم جاري آهي، چيف سيڪريٽري ۽ روينيو بورڊ جي سينيئر ميمبرز کان سفارشون طلب ڪيون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل ضلعي ڪوهسار جي حد خيبرپختونخواهه تائين هوندي، جڏهن ته راولپنڊي ضلعي جون حدون به نئين سر طئي ڪيون وينديون.

ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي اسيمبلي ميمبرز سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪوهسار ڊولپمينٽ اٿارٽي تعمير، ترقي، ريسڪيو ۽ رليف جي ذميوار هوندي، جڏهن ته نئين ضلعي کي مشينري خريد ڪرڻ جي لاءِ خاص فنڊز فراهم ڪيا ويندا.

واضح رهي ته مري ۾ پيش ايندڙ واقعي بعد پنجاب جي وڏي وزير مري جي دوري دوران سياحتي هنڌ کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.