اسٽيٽ بئنڪ تي پاڪستاني حڪومت جو ڪنٽرول برقرار رهندو: شوڪت ترين

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ تي پاڪستاني حڪومت جو ڪنٽرول برقرار رهندو.

قومي اسيمبلي جي  ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته جيڪڏهن اسان سينيٽ کي پارليامينٽ نٿا سمجهون ته ان کي بند ڪري ڇڏيو.

شوڪت ترين، قيصر شيخ سان مڪالمو ڪندي چيو ته مان چونڊيل سينيٽر آهيان، توهان مٺي انداز ۾ جوتا هنيا، رپئي کي هٿرادو طريقي سان روڪي 60 ارب ڊالرن جو نقصان پهچايو ويو.

شوڪت ترين جي ريمارڪس تي ڪميٽي ميمبر احسن اقبال احتجاج ڪندي چيو ته ناڻي وارو وزير پارليامينٽ سامهون آهي ۽ ائين نٿو ڳالهائي سگهي، 40 سيڪڙو رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڪري ڪهڙيون برآمدون وڌايون ويون.

ڪميٽي چيئرمين فيض الله ڪموڪا چيو ته احسن اقبال صاحب، توهان سينيئر سياستدان آهيو، پنهنجي واري تي ڳالهايو، مان توهان کي فلور ڏيندس.

احسن اقبال چيو ته هتي ناڻي وارو وزير ميمبرن جي ڇنڊ پٽي رهيو آهي، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن هتي ڪو پارليامينٽ ميمبرن کي ڇنڊ پٽيندو ته مان کيس ڪميٽي ۾ ويهڻ نه ڏيندس.

ناڻي واري وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ تي پاڪستاني حڪومت جو ڪنٽرول برقرار رهندو، حڪومت بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا نالا نامزد ڪندي، بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري جو اختيار به حڪومت وٽ هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.