ڊکڻ ۾ پوليس جي گھر تي چڙھائي، هڪ ڄڻو گرفتار،وارثن جو احتجاج

ڊکڻ(ن ع آ) پوليس بس اسٽيڊ واري علائقي ۾ چڙهائي ڪري شيخ محلا واسي ککراڻي برادري جي نوجوان عزيز ﷲ ککراڻي کي گرفتار ڪري کڻي وئي، هوڏانهن ککراڻي برادري جي نوجوان عزيز ﷲ ککراڻي جي گرفتاري ۽  ڊکڻ پوليس خلاف ککراڻي برادري پاران اڪبر ککراڻي، عنايت علي ککراڻي، عطاءُ ﷲ ککراڻي، فيض محمد ککراڻي، آصف ککراڻي، اسد ﷲ ککراڻي، حسين جي اڳواڻي ۾ ڊکڻ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،جتي مظاهرين ايس ايڇ او ڊکڻ خلاف دانهون ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مظاهرين دانهيندي الزام هڻندي چيو ته ڊکڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او صديق شر بنا جواز اسان جي نوجوان عزيز الله ککراڻي کي تشدد جو نشانو بڻائي کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي،اسان جو نوجوان پورهيت آهي، خدشو آهي ته ڊکڻ پوليس نوجوان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل  ڪري، ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي گرفتار ڪري گم ڪيل اسانجي نوجوان عزيز الله ککراڻي کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته نوجوان کي اسان گرفتار ناهي ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.