اڏيري لال ڀرسان بيبي زهرا عه جي ياد ۾ پروگرام

اڏيرولال (ن ع آ) اڏيرولعل لڳ ڳوٺ رحيم خان کورکاڻي ۾ زوار راوت خان کورکاڻي ۽ گل حسن کورکاڻي جي سربراهي ۾ زيرسرپرست مولانا ارشاد  علي هالائي ۽ سانئڻ زھرا عليه اسلام جي شهادت بابت هڪ پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مولانا جواد الله ھادي ڀٽ شاه کان ۽ سيد عزيز الله شاه زوار شاعر اهل بيت غلام نبي ۽ سنڌ جو مشھور نوحه خوان استاد جعفر کٽي ٽنڊو جام کان اچي پروگرام ۾ شامل ٿيو. ان موقعي تي سانئڻ زهرا عليه اسلام جي شهادت بابت روشني وڌي وئي. هنن جو چوڻ هو ته اسان کي به اهل بيت جي نقش قدم مطابق زندگي گذاريون ته ايمان سان چئي سگهجي ٿو ته اسان جي زندگي ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. هنن چيو ته جهڙيون حالتون آهن، جيڪڏهن اسان کي اهل بيت جي ڏسيل رستي تي زندگي گذارڻ جو سوچيون ته اسان جي زندگي ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.