ڄامشوري ۾ ڪتن 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، احتجاج

ڄامشورو(رپورٽ: صدر جوڻيجو) شعور علم ۽ ادب جو شهر ڄامشورو انيڪ مسئلن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، سالن کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب  شهر اجڙي ويو آهي ڄامشورو ٽائون ڪميٽي جي ساليانا 7 ڪروڙ کان مٿي بجيٽ آهي جيڪا چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا پاڻ ۾ ملي هڙپ ڪري رهيا آهن، ڪٿي به ڪو ٽڪي جو ترقياقي ڪم نه ٿيو آهي پر ٽائون انتظاميه ڇتن ۽ رولو ڪتن خلاف به ڪارروائي ناهي ڪئي جنهن سبب ٽائون جي 10 ئي وارڊن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار آهي ڪالهه ٽائون جي مختلف علائقن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن ٻن نينگرن سميت 10 ماڻھن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ ڄامشورو شھر واسي عبدالرحمان، سينڊوز روڊ جو 23 سالا محمد يامين سولنگي، محسن اقبال انصاري، واپڊا ڪالوني جو62 سالا پيرسن فيروز ميسع، مدينه ننگر واسي 55 سالا محمد صادق ملاح، چاوڙا ڳوٺ  جو 15 سالا نينگر ثناءالله ولد رسول بخش، 11 سالا نينگر محمد حسن ڀلائي، 40 سالا شوڪت حسين ٽالپر، 30 سالا محمد جاويد برفت، ڄامشورو ڪالوني واسي 40 منور احمد چنه شامل  آهن. زخمين مطالبو ڪيو آهي ته ٽائون ڪميٽي انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي  شهر جي سڄاڻ ڌرين مبين تيوڻو، ساگر عالماڻي، اڪرم مسراڻي، ربنواز ابڙو, محسن رضا ڀلائي ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ضلعي ۽ ٽائون انتظاميه شعور جي شهر سان ماٽيلي ماء کان به برو حشر ڪيو آهي، شهر اجڙي تباهه ٿي رهيو آهي ڪامورا چونڊيل نمائندن سان ملي ضلعي ۽ ٽائون جي بجيٽ هڙپ ڪري رهيا آهن ڪير به کين پڇڻ وارو ناهي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي گهرجي ٽائون ڪميٽي انتظاميه ڪرپٽ ترين آهي اهي رولو ۽ ڇتن ڪتن کي مارائڻ بدران ڪتن جي زهر جا پيسه به هڙپ ڪري ڇڏين ٿا ان ڪري ڪتن جي ڏاڙهيل سمورن ماڻھن جون ٽائون انتظاميه خلاف الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.