ايٿوپيا ۾ هوائي حملو، 56 ڄڻا مارجي ويا

اديس ابابا (اي پي پي) ايٿوپيا جي اترئين خطي تيگري ۾ هڪ پهانگير وسندي تي هوائي حملي ۾ 56 ڄڻا مارجي ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. جرمن نشرياتي اداري مطابق مقامي امدادي ڪارڪنن فرانسيسي خابرو اداري کي ٻڌايو ته تيگري جي علائقي ڊيڊيبٽ ۾ هڪ پناهگير ڪيمپ تي ٿيل هوائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 56 ڄڻا مارجي ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. فرانسيسي خابرو اداري وڌيڪ ٻڌايو ته ايٿوپيا جي فوج ۽ حڪومتي ترجمان ميڊيا سان ان واقعي بابت ڪنهن به قسم جي ڪا معلومات شيئر ناهي ڪئي. واضح رهي ته تيگرائي جي خطي ۾ گذريل 14 مهينن کان ايٿوپيا جي حڪومتي فورسز ۽ باغين وچ ۾ ويڙهه جاري آهي.

  • ڪولگام۾  ڀارتي فوجين جو آپريشن

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين ڪالهه شام کان  ضلع ڪولگام ۾ گهيري ۽ تلاشي جون ڪارروائيون  شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي فوجين پيرا ملٽري  سينٽرل ريزرو پوليس فورس ۽ پوليس ضلع جي علائقي حسن پوره جي سمورن اچ وڃ جي رستن کي سيل ڪندي تلاشي واري آپريشن شروع ڪئي. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ آپريشن جاري هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.