مٽياري ضلعي ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدار گرفتار

نيوسعيدآباد (ن ع آ) مٽياري ضلعي ۾ وڌندڙبدامني ۽منشيات جي وڪري ۽واهپي جوايس ايس پي مٽياري محمدڪليم ملڪ نوٽيس  وٺڻ بعدپوليس جوڏوهارين۽منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيوويوآهي-نيوسعيدآباد- هالا-ڀٽ شاه-مٽياري ٿاڻن جي پوليس ڪاروايون ڪندي لکين روپين جي منشيات پڪڙڻ۽منشيات فروش پڪڙڻ جي دعواڪندي منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ تحت الڳ الڳ 20کان مٿي ڪيس داخل ڪياوياآهن-جڏهن ته پوليس ڦرن-چورين سميت ٻين ڏوهي وارداتن ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتارڪري ڦريل ٽريڪٽر-موٽرسائيلون برآمدڪرڻ جي دعواڪئي آهي-ان ڏس ۾ ايس ايس پي مٽياري محمدڪليم ملڪ جوچوڻ آهي ته ڏوهارين ۽منشيات فروشن خلاف آپريشن شروع ڪيوويوآهي آپريشن دوران ڦرجي وارداتن-چورين ۾ ملوث جوابدارن۽منشيات فروشن کي گرفتارڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪياويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.