باڊهه واسين سان چونڊيل نمائندن واعدا وفا نه ڪيا، تعلقي جي حق ۾ ڌرڻو

باڊھه ( رپورٽ: نظام ڪولاچي )  باڊهه کي تعلقي جو درجو نه مليون حڪمرانن جا واعدا وفا نه ٿيا. پر باڊهه ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل ڪاميٽي جو درجو ڏيڻ واري ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ايم پي اي حزب الله ٻگهيو  جي دعويٰ به ڪوڙي ثابت ٿي. باڊهه واسين ۾ سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل ايم پي اي خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪي اٿي. شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل تنظيمن جي جوڙيل باڊهه تعلقه موومينٽ جي پليٽ فارم تان هفتيوار جدوجهد کي جاري رکندي ڪالهه آچر تي پڻ سخت سرديءَ باوجود شهرين تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه تعلقي جي حمايت ۾ شهرين ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو، ڪامريڊ قادر بروهي، مولانا محمد علي ايماني، علي انور عسڪري، عزيز بروهي، حافظ محمود ساريو، اصغر نوناري، فدا حسين تنيو، دودو ديشي، اصغر ساريو، پوپن مَل، منور نوناري، وحيد ڪانڌڙو، جمال خاصخيلي، نظام ڪولاچي، نور احمد هيسباڻي ۽ ٻين  نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ ٻين چيو قومي توڙي صوبائي اليڪشن ۾ اهو ئي اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو آھي، جنهن کي باڊهه جو ووٽ ملندو آھي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته باڊهه جي ووٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙن ڪڏهن به باڊهه جي ووٽ جو حق ادا نه ڪيو آھي. اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي وني بيگم نصرت ڀٽو جو چونڊ تڪ رهڻ سان گڏوگڏ هميشه  پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندو آيو آھي ۽ بدلي ۾ شهر کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آھي. پ پ جيڪڏهن باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي ڪري ته پوءِ هو باڊهه جي عوام مان هڪ ووٽ جي به اميد نه رکي. جيسيتائين باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي، تيسيتائين اسان جي هي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.