ملير جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن،49 شڪي گرفتار

ملير (ڊ.ر) ملير پوليس پاران ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف اسٽيل ٽائون پوليس ٿاڻي جي حد گلشن  حديد، سومار جوکيو ڳوٺ ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، سرچ آپريشن ۾ ضلعي ملير جي سموري ٿاڻن جي پوليس هيڊ ڪوارٽر ملير، هيڊ ڪوارٽر ايسٽ جي پوليس آپريشن ۾ حصو ورتو، سرچ آپريشن دوران 49 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مان ٻن جوابدار تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي باقي شڪي ماڻهن کان جاچ جاري آهي ۽ گرفتار ڪيل ماڻهن جي بائيو ميٽرڪ جاچ سميت هٿ ڪيل هٿيارن کي فارنزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.