احمدپور ڀرسان وڏا ماڇيون ٿاڻي جو منشي يرغمال، ڦرلٽ

احمدپور (ن ع آ)احمدپور جي ڳوٺ فتح علي چانڊيو جو رهواسي وڏا ماڇيون ٿاڻي جو ننڍو منشي اڪبر علي چانڊيو کي ڊيوٽي تي ويندي هٿيار بندن پيرجوڳوٺ ٿاڻي جي حد لوڊرا موڙ وٽ هٿيارن جي زور تي روڪي يرغمال بڻائڻ بعد ٿاڻي جو سمورو رڪارڊ محفوظ ٿيل ليپٽاپ  موبائيل فون هزارين رپيا روڪ رقم ۽ نئين سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن اهڙو ڦر واقعي جو اطلاع پيرجوڳوٺ پوليس کي پڻ ڏنو ويو آهي ياد رهي ته گذريل هڪ هفتي کان ڪنگري تعلقي ۾ موٽرسائيڪل ڦر جون وارداتون تيز ٿي ويون آهن پر تنهن باوجود پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ڦر جي واقعن ۾ اضافو اچڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.