پاڪستان بيت المال وڌيڪ 13 پناهه گاهون قائم ڪندو: فوڪل پرسن

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي مدينه رياست واري ويزن تي عمل ڪندي پاڪستان بيت المال 2022 ۾ سڄي ملڪ ۾ 13 پناهه گاهون قائم ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. پناهه گاهن بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن نسيم الرحمان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته احساس پنها گاه هڪ منصوبو آهي، معاشري جي پٺتي پيل طبقي لاءِ بيت المال 2021 ۾ 10 پنهاگاهون ۽ 2020 ۾ 16 پناهه گاهون قائم ڪيون جٿي روزاني جي بنياد تي هزارين ضرورتمندن، معاشري جي غريب طبقي جي ترقي ۽ ڀلائي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي،فوڪل پرسن ٻڌايو ته گادي واري شهر ۾ پنجن پناگاهن ۾ پهريون ٽيلي هيلٿ سسٽم نصب ڪيو ويو آهي ته جئين مزدور طبقي کي مفت طبي خدمتون فراهم ڪري سگهجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.