جنگشاھي لڳ ارڙي جا 5 ڪيس ظاھر

جنگشاھي(ن ع آ) ڪوھستان ست ڀاڱي چار ڳوٺ نبي بخش جوکيو ۾ ھڪ پورھيت نالي رمضان جوکيو جا پنج معصوم ٻارڙا  نالي گلزار احمد ولد محمد رمضان جوکيو، ڳلشير ولد رمضان جوکيو،  ڪزبانو ڌيءَ محمد رمضان جوکيو، شيربانو ڌيءَ، محمد رمضان جوکيو، زينت ڌيءَ محمد رمضان جوکيو، روزينا ڌيءَ محمد يعقوب جوکيو ٻيا  ڳوٺن جا ٻارڙا تيزي سان ارڙي جھڙي موزي مرض ۾ مبتلا  ٿي رھيا آھن ڳوٺ جي معززين نالي محمد سليمان جوکيو،  بشام جوکيو، علي محمد جوکيو ٻين صحافين سان ڳالھيندي چيو ته ٻن مھينن کان اسان جي ڳوٺ ۾  ارڙي جي بيماري وڌي رھي آھي.  ڊي ايچ او ٺٽو کي اطلاع ڏنو ھو ان  باوجود ٽيم نه پهتي،وزير اعلي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊي سي ٺٽو،  کي گذارش آهي ته جلد صحت کاتي جي ٽيم موڪلي ٻارڙن جي زندگي بچائي وڃي.

  • پيرڳوٺ مان سون چوري الزام ۾ سوناري جو پٽ گرفتار

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ڪراچي جي گزري ٿاڻي جي پوليس پيرڳوٺ جي ميمڻ محلا ۾ ڪارروائي ڪري مشهور سوناري عبداحڪيم ميمڻ جي پٽ مقيم احمد ميمڻ کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته مسمات ثمينه ارباب پاران 15 لک روپين جي ماليت جو سون چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ هڪ جوابدار علي گل پٽ عيدن کي گرفتار ڪيو. جنهن جي نشاندهي تي نوجوان مقيم ميمڻ کي گرفتار ڪيو آهي. ٻئي طرف گرفتار ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان تي سون چوري جو بي بنياد الزام هڻي وڏو ناحق ڪيو پيو وڃي. جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

  • اسلام ڪوٽ ۾ 27 جنوري تي ڪارونجهر بچايو جلسي جو اعلان

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 27 جنوري تي ڪاونجهر ۽ معدني وسيلا بچايو جلسو ٿيندو،جنهن جي صدارت قومي عوامي   تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڪندو. اُن سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو اسلام ڪوٽ ۾ اجلاس ٿي گذريو،اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهنواز هگورجو چيو ته ٿر  ۾معدني وسيلا هئڻ باوجود عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي، ٿر جا وسيلا نيلام ڪيا پيا وڃن، پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ قومي عوامي تحريڪ جو ساٿ ڏنو وڃي. هن چيو ته بلديادتي اليڪشن ۾ قومي عوامي تحريڪ ڀرپور حصو وٺندي، عوام تياري ڪري پنهنجي علائقن مان وطن دوست ماڻهو اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.