نوابشاهه پوليس جي ڪارروائي، 17 لک هٿ، ڦورو گرفتار

نوابشاهھ (رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) نوابشاھ پوليس جو ڪارنامو مھينو اڳ شھري کان ڏينھن ڏٺي جو مبينا ڦُر ٿيل 48 لک روپين جا مبينا جوابدار 17 لک روپين سميت گرفتار ڦورن جو صوبائي سطح جو گروھ وائکو ڊي ايس پي سٽي، سي آئي اي انچارج نوابشاھ ۽ قاضي احمد ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز تي مشتمل ٽيم ڪاروائي ڪئي فريادي پاران پ پ ايم پي حاجي علي حسن زرداري جا ٿورا مڃيا خبر موجب ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، سي آئي اي انچارج مبين احمد پرھياڙ، ايس ايڇ او اي سيڪشن مقصود احمد چنا، ايس ايڇ او قاضي وحيد احمد شيخ نوابشاھ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آھي ته7 ڊسمبر 2021 جي ڏينھن منجھد جو 1 وڳي جي لڳ ڀڳ نوابشاهھ جي ھائوسنگ سوسائٽي واري علائقي مان محمدي ٽائون جي رھواسي رئيل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ محمد حسن ولد علي محمد ڪلوئي کان چئن اڻڄاتل ھٿيار بندن روڪ رقم 48 لک روپيا جيڪي اھو بينڪ مان ڪڍرائي آيو ھو ھٿيارن جي زرو تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙو ڪيس فريادي محمد حسن ڪلوئي اي سيڪشن ٿاڻي تي چئن اڻڄاتل ڦورن خلاف داخل ڪرايو ھو پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد خادم رند ۽ ايس ايس پي امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، سي آئي اي انچارج مبين احمد پرھياڙ، ايس ايڇ او اي سيڪشن مقصود احمد چنا ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد وحيد احمد شيخ تي مشتمل جاچ جي ٽيم جوڙي جنھن نوابشاھ جي لائين پار واري علائقي جي جمشيد ڪالوني مان حمزھ ولد عبدالطيف اعواڻ، مورو واسي سجاد ولد حمزھ سيال ۽ ھڪ ٽئين جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ انھن کان 17 لک روپيا برآمد ڪيا ڊي ايس پي سلطان احمد چانڊيو ٻڌايو تہ ڦورن جي گرفتار کانپوءِ خبر پئي آھي تہ ھنن ڦورن جو صوبائي سطح تي ھڪ گروھ آھي جيڪو ڪراچي، حيدرآباد، مٽياري، سانگھڙ ۽ ٻين ضلعن ۾ ڦر جون وارداتون ڪندو رھيو آھي ۽ انھن خلاف ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين ٿاڻن تي پڻ ڦرن جا ڪيس داخل ٿيل آھن پريس ڪانفرنس ۾ موجود فريادي محمد حسن ڪلوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ مان خاصو طور تي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جو ٿورائتو آھيان جن جي ڪاوشن ۽ پوليس جي محنت سان منھنجي ڦر ٿيل رقم واپس ٿي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.