حيدرآباد ۾ نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي  لطيف آباد  ۾ نوجوان جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش گهر مان هٿ آيو، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو. پوليس جناح ڪالوني واسي 22 سالن جي محمد عامر جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته محمد عامر ايئرڪنڊيشن جو ڪم ڪندو هو  کيس ڪا به پريشاني نه هئي، خبر ناهي ته هن خودڪشي ڇو ڪئي. هوڏانهن اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ دوران واقعو خودڪشي جو لڳي رهيو آهي، نوجوان جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان ناهن، ان باوجود وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.