مانجهند ڀرسان ڪوهيڙي سببب حادثو، هڪ ڄڻو فوت

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي)مانجهند ڀرسان ڳوٺ راڄڙي  انڊس ھاء وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻو طرف ويندڙ ڄاڃين  سان ڀريل وين جو ڪوھيڙي سبب سامھون کان ايندڙ موٽرسائيڪل سان خوفناڪ ٽڪر ٿيو جنهن ۾ وين پڻ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾َ ڳوٺ راڄڙي واسي زمين ڏانهن پورهئي لاءِ ويندڙ موٽر سائيڪل30 ورھين جو پورھيت پيرو کوسو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي بروقت ايمبولنس نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جڏهن ته وين سوار 7 ڄڻا  ڄاڃي زخمي ٿي پيا زخمين ۽ فوتي جي لاش کي مقامي ماڻهن ايمبولنس نه هئڻ سبب عام واٽھڙو گاڏين ۾ مانجهند اسپتال پهچايو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ ۽ ايمبولنس نه هئڻ سبب زخمين کي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڊاٽسن ذريعي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن ته فوتي جي لاش جي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي مڙھ کي مانجهند لڳ ڳوٺ راڄڙي کڻائي ويا  هوڏانهن آخري اطلاعن  تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو هوڏانهن گذريل ڏينهن ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ هڪ ايمبولنس ڊرائيور نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي ٽلٽي هيلٿ سينٽر  موڪلي ڇڏي جتي 2 عدد نيون ايمبولنسون پڻ موجود آھن اهڙي عمل تي هتان جي شھرين ۾ تاءُ ڦھليل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.