ميان صاحب ۾قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جسقم جي ريلي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب شهر ۾ ٺل شڪارپور روڊ تي مک گيٽ باب ميان صاحب وٽ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان قريشي گروپ تعلقه ٺل پاران ڪامريڊ لياقت سرڪي ، سيد اڪبر شاھه ، عرض محمد سرڪي ۽ عزيز الله سرڪي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ قبيلائي تڪرار ختم ڪرايو جا لکيل بينر کڻي علائقي ۾ ورهين کان هلندڙ شر – ڪيهر قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاء امن ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته ميان صاحب ڀرپاسي ۾ هلندڙ خوني تڪرار شر – ڪيهر ۽ ٻيا تڪرار ختم ڪرائي علائقي جو امن بحال ڪرايو وڃي امن ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران امن زندہ آباد جا نعرا پڻ هنيا ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.