ميرپورخاص لڳ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص سنڌڙ روڊ تي پراڻي ميرپور جي ڇنڊڻ موري وٽ ٽنڊوالهيار کان کپرو ويندڙ ڄڃ جي ايڪو سائونڊ واري سوزوڪي ۽ تيزرفتار مزدا ۾ ڪوهڙي سبب ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽنڊوالهيار جي طالب الموليٰ ڪالوني جو رهواسي سوزوڪي ڊرائيور مشتاق خواجه، شاهد ملڪ ۽ سجاد زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ نيو پي ويو ته سوزوڪي ڊرائيور مشتاق خواجه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو آهي فوتي جي مڙھ کي قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن کي وارث پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو حد جي پراڻي ميرپور ٿاڻي جي پوليس مزدا کي تعويل ۾ وٺي فرار ٿيل مزدا ڊرائيور جي ڳولاه شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.