پيرولاشاري واسي فوجي جوان پشاور ۾ شهيد

پيرولاشاري (ن ع آ)پيرولاشاري لڳ ڳوٺ محمد خاصخيلي جورھواسي 28 سالا نوجوان پرويز پٽ محمد بچل خاصخيلي  پاڪ فوج ۾ ڊيوٽي دوران پشاور ۾ حيات آباد ۾ دھشتگردن جي فائيرنگ ۾ شھيد ٿي ويو آھي. يادرھي ته پرويز خاصخيلي کي فوج جي ڊيو ٽي ۾ 6 سال ٿيا ھئا. شھيد جي خبر پوڻ سان مائيٽن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سوڳوار ماحول بڻيل آھي ٻئي طرف پرويز جي پيءُ سان رابطوڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته شھيد پرويز خاصخيلي جي جنازا نماز اڄ پيرولاشاري ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.