تنگواڻي اسپتال مان ليڊي ڊاڪٽر گم، ڳورهاري عورت رستي ۾ ٻار کي جنم ڏنو

تنگواڻي (رپورٽ:مهتاب ملڪ) تنگواڻي جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ڳورهاري عورت جو ويم نه ٿي سگهيو، عورت رستي ۾ نياڻيءَ کي جنم ڏنو، ڪالهه ڳوٺ خير جان بروهي  جي رهواسڻ پوپل خاتون  کي وارث ويم لاءِ اسپتال وٺي آيا، جتي اسپتال جي عملي  ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ۽ موڪل جو ڏهاڙو ڄاڻائي کيس واپس موڪلي ڇڏيو، عورت جي وارثن دانهون ڪيون ته هنن وٽ پرائيوٽ اسپتال ۾ ويم ڪرائڻ جا پئسا ناهن پر اسپتال عملي سندن هڪ به نه ٻڌي.ڳوٺاڻا ڳورهاري عورت کي واپس وٺي ويا، ويم جي تڪليف وڌي وڃڻ سبب عورت رستي ۾ نياڻيءَ کي جنم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.