پ پ ڪڏهن به لساني سياست ناهي ڪئي:عاجز ڌامراهه

حيدرآباد(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته پيپلز  پارٽي ڪڏهن به لسانيت واري سياست ناهي ڪئي، پ پ پنهنجي حڪومت ۾ ڪي ايم سي کان وٺي سمورن بلدياتي ادارن کي بنا فرق جي فنڊ جاري ڪيا، مخالف ڌر سان لوڪل گورنمينٽ تي مناظرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مري سانحو وفاقي، صوبائي  ۽ مقامي غلفت سبب پيش آيو، جاري الرٽ باوجود صوبائي حڪومت سياحن جي حفاظت لاءِ ڪي به قدم نه کيا. ويتر مري ۾ سياحن جون هڪ لک گاڏين جي داخلا کي پنهنجي ڪاميابي قرار  ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄ به اربين رپين جا ترقياتي ڪم گهٽ وسيلن باوجود سنڌ حڪومت ڪرائي رهي آهي، جڏهن ته وفاق پاران اين ايف سي فنڊ مان ڪٽوتي ڪري حصي جي رقم کان سنڌ کي مسلسل محروم رکيو ويو آهي. لوڪل گورنمينٽ بل تي احتجاج ڪندڙ مهانگائي، گئس جي کوٽ تي ڇو نه ٿا احتجاج ڪن. هن چيو ته پنجاب حڪومت اچڻ شرط بلدياتي نمائندن کي گهر موڪلي ڇڏيو. پنجاب ۾ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ بدران آرڊينينس ذريعي مڪاني چونڊون ڪرايو پيون وڃن. پي ٽي آءِ  حڪومت ڪي پي ڪي ۾ بلدياتي چونڊون هارائڻ بعد هاڻ ڪي پي ڪي ۾ بلدياتي نمائندن کي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ذريعي هلائڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي. ن چيو ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت پاران پنجاب جي شهر لاهور کان بعد چئني صوبن ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون..17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.