ٺٽي ۾ ايس ايڇ او پوليس جوانن لاءِ عذاب بڻيل

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جيئن ئي ممتاز بروھي جي گھاري ۾ مقرري ٿي آھي، تيئن ئي علائقي ۾ موت جو راڪاس شروع ٿي ويو آھي،  عوامي زندگيون ته ضايع ٿين ئي ٿين پيون پر انھي سان گڏ خود پوليس جا فرض شناس اھلڪار زندگيون وڃائي رھيا آھن. گذريل ٻن سالن ۾ ڪٿي پوليس جي ڪوڙن مقابلن ۾ ته ڪٿي روڊ حادثن ۾ ته ڪٿي وري ٿاڻي جي اندر جوانن جون شھادتون ٿي رھيون آھن. گذريل سال 2021ع ۾ ٻابڙا ڀرسان پوليس کي لينڊ گريبنگ ۾ ملوث ڪري ھڪ ڌر کان وڏي رقم عيوض مخالف ڌر کان قبضو ڇڏرائڻ لاءِ صبح سوير زرعي فارم تي پوليس چڙھائي ڪئي جتي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 پوليس اھلڪار اي ايس آئي سخي محمد ڪلمتي ۽ علي نواز چنڙ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويا. ھِن ئي ڪيس جو انتھائي اھم شاھد ۽ ڪيس جي فريادي اي ايس آئي علي گل چانڊيو جو وري ٿاڻي مان رائفل جون 3 گوليون لڳل لاش ملي ٿو، جڏھن ته واقعي جي فورن بعد پوليس آفيسرن جي متضاد بيانن واعي کي شڪي بڻائي ڇڏيو آھي، ايس ايڇ او ممتاز بروھي بيان جاري ڪري ٿو ته اي ايس آئي علي گل چانڊئي خودڪشي ڪئي آھي ۽ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان ٿاڻي تي پھچي بيان ڏنو ته علي گل کي رائفل صاف ڪندي گوليون لڳيون آھن، جيڪو بعد ۾ پنھنجي بيان تان ڦري ويو ۽ چيائين ته ايس آئي اي علي گل خودڪشي ڪئي آھي. جڏھن ته ڪجھ وقت اڳ ايس ايڇ او ممتاز بروھي جي گن مين نيو سعيد آباد جي رھواسي اھلڪار ظھير علي جي موت به روڊ حادثي ۾ ٿي ھئي. ان سلسلي ۾ ھتان جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ڌرين سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آھي ته ھِنن سمورن واقعن جي صاف شفاف عدالتي جاچ ڪرائي سموريون حقيقتون سامھون آڻي ذميوارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، سڄاڻ ڌرين آئي جي سنڌ کان ايس ايڇ او گھارو ممتاز بروھي کي پڻ ھٽائن جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.