لاڙڪاڻي ۾بدامني، مهانگائي خلاف سني تحريڪ جي سڏ تي ٽائرن کي باهه، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان سني تحريڪ طرفان بدامني ۽ مهانگائي خلاف درگاهه قائم شاهه بخاري کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ وٽ  هتي جتي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جنهن ۾ مختلف تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري هٿن ۾ سُڪل مانيون، بلب، تنظيمي جهنڊا ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، ضلعي صدر شمس الدين سروهي، قادربخش ڪمانگر ۽ ٻين چيو ته حڪومت پاڪستان تبديلي سرڪار مڪمل طور ناڪام بڻجي چڪي آهي روزانو پيٽرول، گيس، بجلي، عام واهپي جون شيون کنڊ، اٽو، گيهه ۽ ٻين شين جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه مقرر ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جو ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ وفاقي حڪومت عوام دشمن مني بجيٽ پيش ڪري واپاري برادري مٿان ڳريون ٽيڪسون لڳائي معيشت کي تباهي طرف کڻي وڃي رهي آهي. هنن چيو ته پنجاب ۾ 40 روپيا ڪلو ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ اٽو 55 روپيا ڪلو کپائي عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي. هنن چيو ته روزانو گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عروج تي آهي ۽ وري ڳاٽي ٽوڙ بل مقرر ڪري حڪومت عوام سان ظلم ڪري رهي آهي.  چورن، لٽيرن ۽ بدمعاشن جي حوالي ڪيو ويو آهي حڪومت مهانگائي لوڊشيڊنگ بدامني جو خاتمو ڪري جيئن عوام سک جو ساهه کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.