نيو ڪراچي ۾ ڦر جي ڪوشش. مزاحمت تي هڪ ڄڻو زخمي

ڪراچي(رپورٽر)نيو ڪراچي جي بلال ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ واقع دعا چوڪ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 38 ورهين جي محمد نويد پٽ اسلام الدين کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويا،زخميءَ کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

  • سنڌ ۾ سيءَ ۾ واڌ، اترين علائقن ۾ برفباري

اسلام آباد (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهندي جڏهن ته گلگت بلتستان، مٿاهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪجهه جاين تي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. پنجاب، خيبرپختونخواهه جي ميداني علائقن ۽ مٿاهين سنڌ ۾ شديد ڌند رهڻ جو امڪان آهي. آچر ڏينهن موسميات کاتي طرفان جاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.