فيض گنج پوليس جي گهر تي چڙهائي، نوجوان کنڀي گم

فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج پوليس شهرين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو هفتي اندر ٽيون مزدور نوجوان کڻي گم ڪري ڇڏيو پوليس پورهيت نوجوان عمر شر  جي گهر تي چڙهائي ڪري گم ڪري ڇڏيو ياد رهي هفتو اڳم پوليس ٻه نوجوان کڻي گم ڪري ڇڏيا جن جي آزادي لاءِ هڪ هفتي کان ڪيمپ قائم ٿيل آهي پر پوليس غريب نوجوان جي پويان رڻ ٻاري ٻاري ڇڏيو آهي فيض گنج ڪوٽ لالو پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪري پورهيت جي گهر تي چڙهائي ڪئي گهر ۾ ڌاڙيلن جيان گهري کڻي ويا جڏهن وارثن جو چوڻ آھي اسان جي نوجوان پورهيون ڪري گهر جو گز سفر ڪندو آهي سندس تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.