بوزدار وڏا واسي نوجوان پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

بوزدار وڏا (ن ع آ)بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ننڊا ٽالپر جي رهواسي رٽائرڊ فوجي مجاهد حسين ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل  چئن ڏينهن کان منهنجو 19 سالا نوجوان پٽ زين علي ٽالپر گهران  سيمينٽ وٺڻ لاء 50 هزار ڪيش ۽ ليپ ٽاپ کڻي آيو هو جيڪو  پراسرار نموني چئين ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي  هن چيو ته  نوجوان جي چئين ڏينهن کان گهڻي  ڳولا ڪئي آهي ۽ فون نمبر به بند وڃي ٿو ۽  ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته ڪٿي به ڏس پتو نه پوڻ ڪري حد جي ٿاڻي بوزدار وڏا  تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.