خانپور مهر لڳ پوليس ڪارروائي، جوابدار گرفتار ، هٿيار هٿ

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر پوليس ميرموڙ طرف ويندڙ لنڪ روڊ تي پراڻي علي مراد پمپ / وٽان هڪ جوابدار جهنگل ولد سوڍو پتافي کي بغيرلائنسنس پسٽل ميگزين ۽ 5 گولين سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي  پوليس موجب گرفتار جوابدار چوري ڪيس ۾ گھربل آهي مٿس بنا لائسنس  پسٽل رکڻ تي سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.