ڪراچي ۾ سنڌين خلاف سازشون پيون ٿين:ممتاز بروهي

سرجاڻي/گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي شهر ڌرتي ڌڻين جي هٿن مان نڪرندو پيو ڃي . ان ڏس ۾ سياسي, سماجي ۽ ساڃھوند ڌرين پاران عملي  ميدان ۾ اڳڀرو ٿيڻ جي ضرورت آهي . اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء جي سربراه ممتاز بروهيء انڊس پريس ڪلب ڪراچيء جي صحافين آڏو ڳالهائيندي ڪيو . هن چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس وسيلي اسان پنهنجي قوم جي سياسي, سماجي توڙي ساڃھوند ماڻهن جو ڌيان هن ڌرتيء  توڙي ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ويساه گهاتين ۽ اره زوراين طرف ڇڪائڻ گهرون ٿا . جن سببان سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي گهڻ طرفا خطرا لاڳو ٿي ويا آهن .ممتاز بروهيء صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي;سنڌ جي گاديء , صنعتن , بندرگاهن ۽ ملڪ کي گهڻي کان گهڻو ته ڇا پر گهڻو تڻو روينيو ڏيڻ وارو اوائلي ۽ سنڌ جي شھ رڳ جي حيثيت رکندڙ شهر آهي . هي۽ شھر جڳ جي اهم ترين اسٽريٽجڪ سامونڊي لنگهن جو مالڪ هئڻ ڪري , نه فقط ملڪي , پر عالمي سياسي وايو منڊل منجھ پڻ هڪ اهم جڳھ والاري ٿو . هن شهر کان سواء سموري سنڌ جو مثال سسيء کان سواء ڌڙ وارو آهي . سنڌ جي راڄڌاڻيء واري هن شهر ڪراچيء اندر منظم نموني ڌارين جي سيٽلمنٽ ڪاڻ ٺهيل  بحريا ٽائون , فضائيا , ڊي ايچ اي ۽ اهڙين ٻين ڪيترين ئي   سنڌ دشمن رهائشي اسڪيمن کان سواء ,  سرڪاري سرپرستيء هيٺ هر جڳھ تي  قبضي خور ٽولا ڪم ڪري رهيا آهن . اهي مڪمل سرڪاري سهڪار ساڻ هتي موجود  ڌرتي ڌڻين جي  آئيندي يا ايندڙ نسلن جي جياپي لاء اڻ ٽر ; قيمتي سرڪاري يا اڻ قبولي زمينن , قبرستانن, آسائشي پلاٽن , پارڪن, چرڳن , ساوڪ ڀرين ماحول دوست ميدانن , تاريخي ماڳن مڪانن , ڍنڍن ڍورن , نئين ۽ پاڻي جي وهڪرن مٿان به  غير قانوني قبضا ڄمائي , هتي غير قانوني پهتل / ترسيل غير ملڪين خاص طور افغانن کي اتي وسائي , ڪوڙيون ۽ هٿراديون وسنديون ۽ ڳوٺ ٺاهي , ڌارين ۽ غير ملڪين کي ان نموني رات پيٽ ۾  سنڌ جو رهائشي قرار ڏياري , هڪ طرف سنڌ جي هن شهر ڪراچيء مٿان ڌارين ۽ غير ملڪين جو تسلط ڄمرائي , ٻئي پاسي ڌرتي ڌڻين جي اوائلي وسندين کي غير قانوني ڄاڻائي ڏاڍ آڌار بلڊوز ڪرائي , اهي وسنديون ۽ زمينون غير ملڪي ڌارين کي وڪڻي , هتان سنڌي ماڻهن جا پير پٽرائي , ٽئين طرف قدرتي ماحول تباه ڪري , سنڌ ۽ سنڌي قوم سان وڏي ويساه گهاتي ڪري هڪ وڏي ڀوائتي هاڃي طرف وٺي وڃي رهيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.