شاهه لطيف ٽائون مان رڪشا چوري ٿيڻ خلاف ملير ۾ احتجاج

ملير (ڊ.ر) شاهه لطيف جي سيڪٽر سي 17 مان گهر ٻاهران رڪشو چوري ٿيڻ خلاف سجاد علي جتوئي ۽ زين العابدين جتوئي پاران ملير پريس  ڪلب احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ساجد جتوئي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي گهر جي ٻاهران بيٺل ٽي لک روپين جي ماليت جو رڪشو جيڪو رات جو دير سان چور چوري ڪري ويا آهن، جنهن جو فرياد مون شاهه لطيف ٿاڻي تي ڏنو آهي پر پوليس منهنجي ڪابه مدد نٿي ڪري آئون غريب ماڻهو آهيان رڪشو هلائي پنهنجي معصوم ٻارن جو گذر سفر ڪندو آهيان، رڪشو چوري ٿيڻ ڪري آئون بيروزگار ٿي ويو آهيان، هن چيو ته شاهه لطيف ۾ چوري ۽ بدامني عروج تي آهي پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري جنهن ڪري چوريون وڌي رهيون آهن آئون ايس ايس پي ملير کي اپيل ٿو ڪيان ته مون غريب جو رڪشا موٽرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.