ڪنڊيارو اسپتال ۾ ڀريا واسڻ عورت فوت مامرو، وارثن جو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي جي ڳوٺ دالي واسي ٻرڙا برادري جي ناري  آسيـ بي بي ٻرڙو زال اسد علي ٻرڙو ڪنڊيارو جي خانگي اسپتال حسام مسعود سھتو ميڊيڪل  سينٽر ۾ مبينا اسپتال جي عملي ۽ ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب فوت ٿي وئي هئي، وارثن جو ٻئي ڏھاڙي به سخت احتجاجي مظاھرو، ان سلسلي ۾ ناري جي وارثن اسد ٻرڙو، اسلم ٻروڙو شاھنواز ٻرڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو تـ ٽي ڏينھن اڳ  ڪنڊيارو جي خانگي ڊاڪٽرياڻي تسليم مسعود سھتو جي اسپتال ۾ ناري آسيـ جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس  داخل ڪرايو جتي موجود عملي ۽ ڊاڪٽرياڻي تمام گھڻي سستي  بي حسي وارو رويو اختيار ڪندي اسان کي پنج ڪلاڪن تائين خانگي ميڊيڪل اسپتال ۾ رکيو جتان مريض جي حالت تمام گھڻي نازڪ ٿيڻ بعد اسان کي حيدرآباد کڻي وڃڻ لاءِ چيو، اسان حيدرآباد وڃي رھيا ھئاسين تـ ناري رستي ۾  ئي فوت ٿي وئي، ھنن چيو تـ  اسان جي نوجوان ناري جو موت ڊاڪٽرياڻي تسليم مسعود سھتو ۽ سندس عملي جي غفلت سبب ٿيو آھي،  اعليٰ اختيارين سميت سيشن جج نوشھروفيروز  ڪوس گھر بڻيل ميڊيڪل سينٽر بند ڪرائي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.