سانگهڙ ۾ هڪ سال دوران 34 ماڻهن جي خودڪشي

سانگهڙ (ڊ ر) ضلعي سانگھڙ  ۾ سال 2021 ۾ 34 بيروزگاري ـ بدحالي ـ گھريلو پريشانين جي ڪري 34 ڄڻن پنهنجي زندگي جو انت آندو ان ڏس ۾ سانگھڙ  پوليس مطابق گذريل سال 2021 ۾ ضلعي اندر عورتن ۽ مردن سميت 34 ماڻهن بيروزگاري ـ گھريلو پريشانين ۽ بک ۽ غربت جي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھايو 34 خودڪشي  واقعن ۾ پندرنھن ڪيس رپورٽ  ٿيا جڏهن ته 19 ڪيس رپورٽ  نه ڪيا ويا ـ ان ڏس ۾ سماجي اڳواڻ سلمان جي ابڙو چوڻ ھو ته رياست بنيادي طور تي ان خودڪشين جي  ذميوار آھي اسان جو ملڪ ذرعي ملڪ آھي ۽  زمينن ۾ وڏي انگ ۾ ڪم ڪن ٿا آمدني گھٽ ھجڻ ۽ خرچ وڌي وڃڻ  سبب گھرن ۾ فاقه ڪشي سبب  خودڪشين جا واقعا وڌي رھيا آھن جڏھن ته گھريلو مسئلا,  ذھني پريشانيون ۽  تعليم جي ڪمي پڻ خود ڪشين جو تمام گھڻو سبب آھي پھريان گھر جو ھڪ فرد ڪمائيندو ھو پورو ڪٽنب جو گذارو ٿي ويندوشديد منھگائي جي ڪري ھاڻ اھو ممڪن نه رھيو آھي حڪومت کي گھرجي ته فوري طور تي مقامي سطح تي ھنري سکيا جون تربيتون فراھم ڪري ته جيئن  روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.