مري سانحي تي نيازي حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي: محمد علي ٻگهيو

ڏوڪري ( ن ع آ ) پ پ ضلعي نائب صدر محمد علي ٻگهيو جو چوڻ هو ته مري وارو سانحو افسوسناڪ سانحو آهي، مري سانحي نيازي حڪومت جي پٽ وائکي ڪري ڇڏي آهي اهڙو اظهار هن ڪالھ ڏوڪري ۾ ٻگھيا هائوس تي عوامي مسئلا ٻڌڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته نيازي حڪومت جا وزير مري سانحي ۾ متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران ڦوٽون سيڪشن ڪرڻ ۾ مصروف آهن هن وڌيڪ چيو ته نيازي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي آهي، عوام نيازي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نقشي قدم تي هلندي عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهيو آهي ان موقعي تي محمد علي راڄپر، قاضي نور حسين، محمد صفر جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا

  • بٺوري ۾راڄوڻي اتحاد اڳواڻ جو ڀاءُ دل جي دورو سبب فوت

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد تعلقي ميرپوربٺوري جي اڳواڻ سيٺ غلام محمد  خاصخيلي جو ڀاء دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو۔ سندس جنازي ناز ڳوٺ پانڌي خاصخيلي ۾ ادا ڪئي وئي۔ جنازي نماز ۾ پ پ ايم پي اي سيد شاھ حسين شيرازي، پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد ضلعي سجاول جي صدر قادربخش خاصخيلي، حبيب اللٰه خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي، محمد الرحيم خاصخيلي امام بخش خاصخيلي، نبي بخش خاصخيلي،شھري اتحاد جي صدر ڏاڏا اسماعيل شورو، حاجي حنيف سونارو، وڏيرو عبداللٰه لاکاٽيو سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ۽ راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٻئي طرف ڳوٺ عبداللٰه کاڙڪ ۾ 50 سالا علي محمد کاڙڪ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ عبداللٰه کاڙڪ ۾ ادا ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.