10 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير ; فقير محمد سنڌي

  • 10 جنوري 1907ع تي محمد رمضان آزاد اصل نالو محمد رمضان ولد ابوبڪر ميمڻ خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، صحافي، ۽ مصنف اٿس.
  • 10 جنوري 1910ع تي بي باڪ صحافي با اصول پرست سياستدان ۽ زميندار غلام قادر شاهه لڪياري ولد سيد غلام مصطفيٰ شاهه لڪياري ڳوٺ ٻنڊي عطل شاهه تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو.
  • 10 جنوري 1920ع تي انجمن اقوام جو پهريون باقاعدي اجلاس ٿيو.
  • 10 جنوري 1929ع تي صوفي فقير شاعر نبي بخش فقير لاڏاڻو ڪيو.
  • 10 جنوري 1955ع تي پي آئي اي، جو قيام عمل ۾ آيو.
  • 10جنوري 1960ع تي پاڪستان ۾پهريون دفعو هٿيار بند فوج جو ڏينهن ملهايو ويو.
  • 10جنوري 1966ع تي پاڪستان، تاشقند معاهدي صحي ڪئي.
  • 10جنوري 1966ع تي گلزاري لال نند، ڀارت جو وزيراعظم چونڊيو ويو.
  • 10جنوري 1968ع تي يوگوسلاويا جو صدر مارشل ٽيٽو پاڪستان جي دوري تي آيو.
  • 10 جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر عبدالجبار “عاجز“ منگي، ڇتو منگي ڳڙهي ياسين شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
  • 10 جنوري 1976ع تي سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سياسي اڳواڻ سسئي پليجو ولد غلام قادر پليجو جي گهر ٺٽي ۾ جنم ورتو.
  • جنوري 1979ع تي سنڌ جو مشهور گويو استاد اميد علي خان ولد استاد پيارو خان، هن فاني جهان کي الوداع چيو.
  • 10 جنوري 1989ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ، سريلو شاعر نارائڻ شيام دهليءَ ۾ وفات ڪئي.
  • 10 جنوري 2001ع تي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بيتاب بادشاهه جلال چانڊيو سول اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
  • 10 جنوري 2012ع تي پير پاڳارا، سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) لنڊن جي اسپتال ۾ وفات ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.