چئُه! جو توکي چوڻو آ……

تحرير : ذوالفقار کوسو

چمبڙ مال پڙي ۽ قانون جو جنازو

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مال پڙيون لڳنديون آھن پر تعلقي چمبڙ ۾ اڱاري جي ڏينهن لڳندڙ مال پڙي جتي هزارن جي تعداد ۾ پالتو جانور ايندا آھن ۔جن ۾ مينهون، ڍڳيون۔ ٻڪريون، رڍون، شامل آھن،  انهيءَ مال پڙي ۾ ڪروڙن جو واپار ٿيندو آھي، چوپائي مال کان سواءِ پڙي ۾ ٻين جانورن جو به وڪرو ٿئي ٿو جن ۾ پکي به شامل آھن، سنجر چانگ روڊ تي لڳندڙ انهي مال پڙي واري ڏينهن شهر ۾ رش ڏسڻ وٽان هوندي آھي،

۽ اها مال پڙي  منشيات فروشن ۽ غيرقانوني ڪم ڪندڙن جي لاءِ سوني جهرڪي پڻ بڻيل آھي،ڪيترائي سال پهرين انهيءَ مال پڙي جي ٺيڪي لاءِ سرعام نيلامي ٿيندي هئي پر هينئر هڪ پ پ پ اڳواڻ جي آشيرواد سان ان جي ئي اوطاق تي هڪ ئي ٺيڪيدار کي بنا ڪنهن نيلامي جي پڙي جو ٺيڪو ڏنو ويندو آھي، ۽ انهيءَ زمين تي ب پ پ پ اڳواڻ جي آشيرواد سان انهيءَ جا ئي من پسند ماڻھو ماڻھو رکيل آھن، پوءِ چاهي اها موٽرسائيڪل پارڪنگ هجي، ڪار پارڪنگ هجي۔ يا برياني جو گاڏو لڳائڻ جي جڳهه هجي،

ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ مزدور سان ملاقات ٿي ان ٻڌايو ته چمبڙ مال پڙي ۾ گاڏو به لڳائڻ لاءِ تيستائين جڳهه نٿي ملي جيستائين پ پ پ جي انهي وڏيري جي واٺن کي منتون نٿيون ڪرڻيون پون ۽ اهي واٺا به وري هڪ صحافي جو ڏس ڏيندا ۽ اهو ڏس ڏيڻ جو سلسلو هلندو ئي رهندو،

آئون جائزو وٺڻ لاءِ مال پڙي ويس، ڏٺم ته اتي هزارن جي تعداد ۾ کيرپياڪ ڦر واپاري ڪاسائين کي وڪرو ڪري رهيا هئا، ۽ افسوس جهڙي ڳالهه ته اها جو مال پڙي ۾ ماڻھو سرعام ڪلهن تي سفينا جون پڙيون ۽ هٿن ۾ مين پڙيون کڻي هوڪا ڏيئي وڪرو ڪري رهيا هئا، ڪير به پڇڻ وارو نه هو ۔۔پوليس جي وردين ۾ ملبوس سپاهي جي وات ۾ به مين پڙيون هيون، جيڪي سڀ ڪجهه ڏسندي به خاموش هئا، ڇو جو انهن کي پوليس جي اعلي عملدارن جو آرڊر هيو ته منشيات فروشن جي خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪرڻي،

۽ نه ئي انهن کي ڪجهه ڪرڻو آھي۔ هڪ طرف هاء ڪورٽ  منشيات وڪري خلاف سخت آرڊر ڪيا ۽ ٻي طرف وري مال پڙي سميت پوري تعلقي چمبڙ ۾ منشيات جو وڪرو! چوندا آھن ته مڙس ڀاڙيو ته پٽڪو ئي بار، سو هتي سرڪاري ادارن جي عملدارن  جي به اها حالت آھي جو سڀ ڪجهه ڏسندي ته پئسن عيوض خاموش تماشائي بڻيل آھن، ۽ انهي پئسي جي چادر انهن کي اهڙو ته جڪڙي ڇڏيو آھي جو هو قانون جو جنازو ڪڍي رهيا آھن، ۽ انهي جنازي ڪڍڻ مهل هي اهو به ويساري ويٺا آھن ته قانون انهي کي پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ هر مهيني باقائده سان پگهار به ڏي ٿو۔ هتي آئون هڪ ٻي ڳالهه به واضع ڪندو هلان ته انهي مال پڙي ۾ منشيات وڪري ۽ ٻين ڪمن سان گڏ لکين روپين جي جوا به ٿيندي آھي ۽ انهي جوا ڪرائڻ ۾ به پپلز پارٽي جي وڏيرن جا واٺا به ملوث آھن، ۽ انهن واٺن کي  ايتري ته ڇوٽ مليل آھي جو ٿاڻي کان وٺي ٻين ڊپارٽمنٽن تائين انهن جي ئي هلندي آھي، ڪنهن کي گرفتار ڪرائن يا ڪنهن کي ڇڏرائن ۔ انهن جي ئي مرضي هلندي آھي،

هو ايترا ته طاقتور آھن جو انهن جي حڪم کانسواءِ ڀلي ڪير ڪيترو به احتجاج ڪري ۔ چاهي هزارين ماڻھو احتجاجي ريلي ڪڍن پر انهن جي حڪم کانسواء ڪنهن به اخبار يا چينل ۾ نيوز به ناهي هلندي ، جنهن جو تازو مثال ديهه ٺل جي آبادگار طارق راجپوت جي زمين تي قبضو ڪري انهن جي عورتن کي وارن مان جهلي گهلي گرفتار ڪرڻ آھي ۽ ٻيو مثال پهنور برادري جي ڳوٺ تي پوليس جي سربراهي ۾ چڙھائي ڪئي وئي ۽ عورتن تي فائرنگ ۽ تشدد ڪيو ويو ۽ بي گناهن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي خلاف پهنور برادري جي ماڻھن ٿاڻي سامهون ڌرڻو هنيو ته ايس ايڇ او چمبڙ انهن کي انصاف جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ جيئن ڌرڻو ختم ٿيو ته پوليس انهن جا وڌيڪ ماڻھو گرفتار ڪري انهن تي ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪيو، ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوسٽن کانپوء مجبور ٿي اها ڳالهه اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي آئي، جيئن

ڪجهه عرصو پهرين چمبڙ جي مال پڙي ۾ پکين جي غيرقانوني وڪري خلاف ڊپارٽمنٽ وارن ڪاروائي به ڪئي هئي پر چمبڙ پوليس پاڻ ته انهن برائين خلاف ڪاروائي نٿي ڪري پر الٽو ئي انهن ڊپارٽمنٽ وارن کي ئي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي،

جنهن تان به تمام وڏي ڇڪتاڻ ٿي هئي، ۽ آخر ۾ وري به هڪ پپلز پارٽي جي وڏيري ۽ آصف زرداري جي ويجهي دوست جي نالي سان مشھور وچ ۾ پئي معاملو ٺاريو هو،چمبڙ جي صحافين کان وٺي سوشل ورڪرن تائين سڀ پيپلز پارٽي جي غنڊن هٿان يرغمال بڻيل آھن،  ۽ جيڪڏهن ڪو به چمبڙ پڙي ۾ هلندڙ غيرقانوني ڪمن خلاف آواز بلند ڪري ٿو ته انهي کي جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ انهي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي چالان ڪري انهي جي فيملي ميمبرن کي تنگ ڪيو وڃي ٿو، مونکي به اها خبر ناهي ته هن آرٽيڪل جي ڇپجڻ کانپوء منهنجي ڪهڙ حالت ٿيندي ۔بحرحال سچ پوء به سچ هوندو آھي.

ذوالفقار کوسو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.