ڪتاب پڙهو ۽ علم سان هٿياربند ٿيو

تحرير : ولي ناريجي جي پوسٽ

سنڌ ۾ نوجوانن جو علم ۽ ڪتاب پڙهڻ ڏانهن لاڙي ۾ انقلاب جي حد تائين واڌارو آيو آهي. جيڪو يقينن ساراهه جوڳو عمل آهي. ڪجھ ڏينھن جڏهن مان پنهنجي ڳوٺ ويو هيس ته مجموعي طور مون ڏٺو ته نوجوانن ۾  ڪتاب پڙهڻ جو ذوق انتهائي حد تائين هو . منهنجو ڳوٺ سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ آهي پر جتي به ويس. نوجوانن وٽ ڪتابن جو ذخيرو هو. جيڪا انتهائي خوشيءَ جي ڳالھه آھي.

اڄ جڏھن گلشن حديد ۾ لڳندڙ ڪتابن جي ميلي تان ڪجھه ڪتاب خريد ڪرڻ ويس ته اتي مون کي منهنجي ڳوٺ "نئون ڳوٺ” سعيدي موساڻيءَ جا ڪجهھ نوجوان مليا جيڪي اسٽال تان ڪتاب خريد ڪري رهيا هئا. هو هت ڪراچيءَ ۾ مزدوري ڪندا آهن پر هنن جڏهن ڏھ ھزار جا ڪتاب خريد ڪيا ته خوشيءَ سان گڏ حيراني پڻ ٿي رهي هئي. هو پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ آهن ۽ هت ڪراچيءَ ۾ مزدوري ڪري پيٽ پالن ٿا،پر هنن جو علم سان ايترو پيار ۽ ذوق ڏسي سنڌ جي تابناڪ مستقبل ۾ ايمان تازو ٿي ويو . سنڌ جي نوجوانن جو ڪتاب ڏانهن لاڙو يقينن وڏو انقلاب آهي. سنڌي قوم جي ان ۾ ئي فتح آهي ته اسان پاڻ کي علم ۽ ڏاهپ سان هٿياربند ڪيون ۽ ڪتاب پڙهون.

رسول بخش پليجو جي ان ڳالهھ تي بار بار عمل ڪيون ته ڪتاب پڙهو جڏھن ٿڪجي پئو، ڪتاب پڙھو، جسم چور ھجي، بيزار ھجو ته پڙھو، سماج ۾ اڪيلا رھجي وڃو ڪو به گڏ نه ھجي، مرڻ جي ھڪ سيڪنڊ اڳ به پڙھو، ان سان توھان جو روح تازا ٿيندو، جوان مرد ٿيندئو، مقابلي جي سگهھ وڌي ويندي، توھان ھڪڙا ٻيا ماڻھو ٿي پوندئو۔۔

ولي ناريجي جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.