يگاني ڪردار گدا خاصخيلي جي زندگي بچايو

تحرير : آزاد گھلو جي پوسٽ

ھو شخص جيڪو پنھنجي سادي طبيعت ۽ گيڙو ويس ۾ مونکي ھڪ ساڌو صفت يگانو ڪردار لڳندو آھي ۽ پنھنجي گفتگو ۾ لفظن کان وڌيڪ مسڪراھٽ کان ڪم وٺندو آھي ،جڏھن به ڌرتي جي خاطر سنڌ جي ڪنھن به شھر ۾ سڏايو ويندو آھي ھڙان وڙان ڪري اچي پھچندو آھي ۽ بغاوت سان ٽمٽار شاعري سان ماحول منڊي ڇڏيندو آھي پر ڪڏھن به بک جو ڀرم نه ٽوڙيائين ،ھو ڀٽائي جي ھن بيت مثل آھي ته.

نڪي کڻن پاڻ سين،نڪو ساڻن پاڻ

اھڙا جن اھڃاڻ آءُ نه جيندي ان ري.

ھو جيڪو سنڌ جي ثقافت کاتي کان ڪا به مدد جي اميد نٿو رکي، جنھن ثقافت کاتي کي ۽ ان جي وزير کي ڌرتي جو درد رکندڙ روشن خيال ۽ باضمير ڪردار نظر ئي نٿا اچن ۽ ڏٺي ئي نٿا وڻن .مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعري جي وڏي نالي سن جي سيد جي پيروڪار سائين گدا خاصخيلي ڪافي عرصي کان بيماري جي حالت ۾ بستري تي آھي کيس ھٿن ڀيرن ۾ ڏڪڻي ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا آھي.

سائين گدا ثقافت کاتي جو وظيفي وارو ڪاغذ ڦاڙي ڌرتي سان بيھي موت جي پرواھ نه ڪندي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي احتجاج ڪندي سرڪار کان ڪنھن به قسم جي مدد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي .

سنڌ جي باشعور انسانن سنڌي ادبي سنگت قومپرست اڳواڻن ۽ تمام سنڌ واسين کي اپيل ٿي ڪجي ته ھن مزاحمتي شاعر فقير طبيعت انسان سائين گدا خاصخيلي جي مالي سھائتا ڪري سندس زندگي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.