انور پيرزادي جو گهاءُ جيڪو اڃان ڀرجي نه سگهيو آهي

تحرير ؛انور بلوچ جي پوسٽ

سنڌ جي املھه ماڻڪ انسانن ۽ ھيرن مان انور پيرزادو به ھڪ ھو. جنھن جو علمي قد جيترو وڏو ھو، اوترو ئي قرب ۽ محبت جو درياهه ھو. منھنجو بيحد ئي پيارو ۽ سڳن ڀائرن جھڙو، محفلن جو مُھندار دوست ھو.

سندس ٽھڪ مون ۾ زندگيءَ جي نئين حرارت پيدا ڪندا هئا. ڳالھائيندو ھو، ته لفظ موتين جيان ڇَڻ ڇَڻ ڪندا، جهولَ ڀريندا ويندا هئا. ٿورڙو به پنھنجي مصروفيتن سبب پري ٿيندو ھو، ته دل بيچين ٿي ويندي هئي. ڳولي وڃي ڀاڪر ۾ ڀريندو هوسانس يا پاڻ وٽ سڏائي سِڪَ جي اڃ اجهائيندو ھوس. سندس لکڻيون منھنجي اکين جي جوت وڌائينديون ھُيون. مَنَ جو قرار ۽ روح جو آبشار محسوس ٿينديون هيون.

مشڪل وقتن ۾ طاقت ٻيڻي ٿي ويندي ھئس. جنگ جو سورمو ٿي ويندو هو. ٻين کي مشڪل ۾ ڏسي ننڊ آرام وساري، انھن جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ پنھنجو فرض سمجهندو هو.

ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ کي تعليم توڙي بي پھچن جو ھڪٻئي جو مددگار بڻجڻ وارو ”مثالي ڳوٺ“ بڻائڻ جو سھرو ھن جي ئي سِرَ مٿي ھو.

سندس وڇوڙو اڄ به مون لاءِ ڪنھن وڏي گهاوَ جيان آھي. جيڪو ڀرجي نه سگهيو آهي ۽ تازو ئي تازو رھندو آيو آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.