چوري پڪڙجي پئي

تحرير ؛ امتياز عالم

اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي نا مڪمل رپورٽ ۾ اهڙيون خوفناڪ حقيقتون سامهون آيون آهن جو تحريڪ انصاف ۽ ان جي چيئرمين جي  قانوني مستقبل تي نهايت سنجيده سوال اڀري پيا آهن.155 اڪائونٽس لڪايا ويا آهن، رڳو 22 ظاهر ڪيا ويا آهن.وصول ٿيل رقم ۽ ظاهر ڪيل فنڊز ۾ 31 ڪروڙ جو تفاوت آهي.ٻاهرين فنڊ ۽ کاتن تائين رسائي نه ڏني وئي آهي، آڊٽ رپورٽون ناقص ظاهر ٿيون آهن.آمدني ۽ خرچن جي ڪاٿي ۾ وڏو فرق آهي.ذاتي ملازمن جا کاتا جدا آهن.اڃان وڌيڪ  تحقيق باقي آهي.خبر ناهي ته فنڊ جي چوري جو کُر پير ڪٿي وڃي پهچندو. مقدمي کي 7 سال لڳا. اسڪروٽني ڪميٽي 3 سال جي لاءِ، 150 پيشيون ٿيون، گند اڃان سمورو سامهون نه آيو آهي،

هڪڙي طرح سان تحريڪ انصاف ۽ ان جي قائد جي ديانت ۽ امانت جي دهلن جو پول کلي ويو آهي ۽ اخلاقي ڏيوالو نڪري ويو آهي.چور چور جون دانهون ڪندڙ پنهنجي ئي گهر جي ڌاڙيل جي طور تي وائکو ٿي ويو آهي. پهرين تحريڪ انصاف جي اليڪشن ڪمشنر جسٽس وجيهه الدين جي پارٽي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي رپورٽ تي شريف النفس جج کي فارغ ڪيو ويو.هاڻي ڪپتان ڪري به ته ڇا ڪري، فنڊز جي چوري ڏينهن ڏٺي پڪڙي وئي آهي.جيترو هي ڪيس ڊيگهه وٺندو.ايترو ئي گند ٻاهر ايندو. خاص طور تي غير ملڪي فنڊنگ جي حوالي سان ته پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 گهڻو ڏکيو آهي. تحريڪ انصاف تي به پابندي لڳي سگهي ٿي ۽ ان جي چيئرمين جي دستخطن سان جمع ڪرايل اقرار ناما غلط ثابت ٿيا ۽ ان کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ جو فيصلو ابتو ٿي سگهي ٿو.ماڻهن گهڻو چندو ڏيڻ ۾ جنهن انڌي اعتماد جو اظهار ڪيو هو اها هاڻي چڪنا چور ٿي ويو آهي.

هاڻي اليڪشن ڪميشن مقدمو هلائيندي يا وڌيڪ تحقيق جي لاءِ ڪو تحقيقاتي ادارو مقرر ڪندو يا وري فرانزڪ آڊٽ ڪرائيندي،تحريڪ انصاف تي ته بجلي ڪِرڻي ئي ِڪرڻي آهي،بهرحال مقدمي کي ايندڙ چونڊن کان گهڻو اڳيان تائين ڊيگهه ضرور ڏئي سگهجي ٿي.اهو به ممڪن آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن ٻنهي ڌرين کان وڌيڪ وضاحتون طلب ڪري جلد فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي،

اهڙي صورت ۾ ڪو به چونڊ اميدوار  پنهنجو سياسي مستقبل اهڙي جماعت تي داءُ تي ڇو لڳائيندو، جنهن جو پنهنجو قانوني مستقبل مشڪوڪ ٿي ويو آهي،اليڪشن ڪميشن جي خلاف وزيرن جي ڌمڪي ۽ ان تي داٻاءَ وجهڻ جي مهم جي پٺيان حڪومت جو اهو خوف هو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي تحقيقاتي رپورٽ تياري  جي آخري مرحلي ۾ هئي.مٿان وري وزير اعظم جي آمدني ۾ سموري سال ۾ ايترو اضافو ٿيو آهي جو ان جو ٽيڪس اٽڪل اڍائي لک رپين مان جمپ ڏئي اڍائي ڪروڙ روپين تائين پهچي ويو آهي، وزر اعظم به ايندڙ ٽن مهينن کي اهم قرار ڏئي رهيو آهي ۽ اپوزيشن به ڪنهن سياسي  ڌماڪي جي منتظر آهي يا وزير خود پاڻ ڪنهن وڏي ڌماڪي ڪرڻ جي لاءِ پر سهائي رهي آهي.اهڙي ۾ ڪو  ڇو ڪنهن سان ڊيل ڪندو. جڏهن حالتون سياسي پردي ڪِرڻ  ڏانهن تيزي سان وڃي رهيو آهن ۽ ان جي وضاحت ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چٽي نموني چئي ڇڏي آهي.۽ وزراعظم جو اهو چوڻ ته ايندڙ آرمي چيف جي مقرري يا موجوده جي ايڪسٽينشن تي اڃان سوچيو ناهي ڇاڪاڻ جو نومبر اڃان گهڻو پري آهي.ڪهڙي خبر وزيراعظم جو اهو صوابديدي اختيار ڪير استعمال ڪري يا ڪنهن کان ڪرايو وڃي ؟

هاڻي جڏهن ضروري شين جي مهانگائي 20 سيڪڙو کان مٿي وڃي چڪي آهي ۽ سموري ملڪ ۾ ماڻهون بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ  سان گڏ هلائي رهيا آهن، اپوزيشن به سندرو ٻڌي ورتو آهي.

سومر کان شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جو اجلاس هنگامي وارو رهندو. مني بجيٽ پاس نه ٿي ته حڪومت ته ڊهي پوندي،پر ملڪ شديد ترين معاشي ۽مالياتي بحران جي گهيري ۾ اچي ويندو.جنهن کي سنڀالڻ جي اپوزيشن ۾ صلاحيت ناهي،نه ئي وري رياست ۽ ان جا ادارا ان جا متحمل ٿي سگهن ٿا.

ٻنهي صورتن ۾ بحران آهي جيڪو وڌندو پيو ويندو،پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو 27 فيبروري کان ڪراچي کان اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪري وڏي سياسي اڳڀرائي ڪئي آهي.۽ ان جي حريف پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ منجهي پئي آهي.پي ڊي ايم جو 23 مارچ واري لانگ مارچ جو اعلان وچ ۾ ٽنگجي ويو آهي.هونئن به مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ڪري ان جي مقدر ۾ ملتوي ٿيڻ ئي لکيل هو.

پي ڊي ايم استعيفائن ۽ ڌرڻن جي ذريعي نظام جي اندر رهي  ڪري پنهنجي سياسي دائري کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ان کي پختونخواهه ۽ ضمني چونڊن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن.۽ اهو ئي بلاول ڀٽي جو، مولانا فضل الرحمان ۽ ميان نواز شريف سان اختلاف هو.

هاڻي اسٽريت ايجيٽيشن جي سياست ۾بلاول اڳ کڻي ويو آهي،ان جي نتيجي ۾ حڪومت وڃي ٿي يا نه، پر پيپلز پارٽي کي سموري ملڪ ۾ راءِ عامه کي پنهنجي حق ۾ هموار ڪرڻ جو موقعو ملندو. گهڻو ڪري محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي وري عوامي جدوجهد جي رستي تي واپس اچي وئي آهي.۽ ان سان ايندڙ چونڊن کان اڳ ۾ وڏي پئماني تي سياسي موبيلائيزيشن جو موقعو ملندو.

پيپلز پارٽي جي سياسي مستقبل جو دارومدار  ان تي آهي ته تحريڪ انصاف ڪيتري جڳهه ڇڏي ٿي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي وڃايل حمايت کي ڪيترو واپس حاصل ڪري ٿي. شايد پي ڊي ايم کي به        پنهنجي  لانگ مارچ جي تاريخ فيبروري جي آخر تائين اڳيان وڌائڻي پوندي. بهتر ٿيندو جو پي ڊي ايم وري متحد ٿي وڃي.

تنظيمي طور تي نه سهي عملي طور تي ايئن ٿي سگهي ٿو. جڏهن سياسي هدف هڪڙو آهي ۽ پي ڊي ايم جي بنيادي دستاويز تي اتفاق موجود آهي ٻيهر قومي اسيمبلي جي گڏيل اپوزيشن جي صورت ۾ پارليامينٽ جي ٻاهر به گڏيل محاذ جڙي سگهي ٿو،يا وري گهٽ ۾ گهٽ لانگ مارچ جي لاءِ وقت مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪري سگهجي ٿو.

صورتحال واقعي ڪافي بگڙيل آهي ، وقت ۽ طريقيڪار گهڻي اهميت اختيار ڪري ويا آهن، بلاول ڀٽو سٺو وقت چونڊيو آهي،پي ڊي ايم به ايئن ڪري سگهي ٿي.پر اپوزيشن جي ٻنهي ڌڙن کي سوچڻ گهرجي ته آئيني ، قانوني ۽ جمهوري دائري ۾ رهجي. ٿوري به ٿڙڻ سان جمهوريت۽ سياست ئي ٻڏي ويندا.۽ چوٿين چونڊن جو منعقد ٿيڻ ۽ چوٿين اسيمبلي جو قيام خبر ناهي ڪيتري عرصي تائين جي لاءِ ملتوي ٿي ويندا.

منهنجي ذاتي راءِ ته اها رهي آهي ته عمران حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ جمهوريت جي واپسي کانپوءِقائم ٿيندڙ ٽين پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري، پر ان جو ڇا ڪجي جو تحريڪ انصاف ۽ وزير اعظم عمران خان جنهن تيزي سان پنهجي سياسي ساک ۽ پاڙون کوٽي رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي سياسي طوفان وقت کان اڳ ئي اچي سگهي ٿو. گهڻو ڪري ته اپوزيشن جي توقع کان اڳ ئي وقت ويجهو اچي ويو آهي ۽ وقت ڪنهنجو به انتظار نٿو ڪري،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.