ڇا قاضين جو احتساب ٿي سگھي ٿو؟

تحرير : ايڊووڪيٽ امر امتياز

عدالت عدليه يا قاضيت (انگريزي ٻولي): Judiciary هڪ قانون جو نظام آهي جيڪو دنيا جي تمام ملڪن ۾ رائج  آهي. عدليه اهو نظام آهي جيڪو عدل يعني انصاف ڏيندو آهي. جيڪو عدل يا انصاف ڪندو آهي ان کي قاضي، عادل، منصف يا جج چيو ويندو آهي. جتي انصاف يا عدل ڪيو ويندو آهي ان جڳھه کي عدالت يا ڪورٽ چيو ويندو آهي.اهو ضروري آهي ته عدليه مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار هُجي، قانون کان ڪوبه مٿانهون نه هُجي، عدالتون ماڻهن کي تڪڙو انصاف فراهم ڪن، قانوني مونجهارن کي گهٽائي عدالتي سرشتي کي آسان بڻايو وڃي ۽ عدليه مان هر قسم جي ڪرپشن جو خاتمو آڻي اُن کي مڪمل انصاف جو گهر بڻايو وڃي. عوام کي مايوسين مان ڪڍي قانون ۽ انصاف تي ويساهه پختو ڪرڻ لاءِ عدليه تمام وڏو ۽ سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. عدليه سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪردار مثالي بڻائڻو پوندو. اهڙي طرح سماج جي هر فرد کي به اڳتي اچي پنهنجي حصي جون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. مگر قاضين جي ڪرتن ۽ سندن ڪرسين تي ويھي ناانصافي ڪندڙ حقيقت کي وس آھر بي نقاب ڪري مون سيپٽمبر 21 سال 2020 تي ھڪ آرٽيڪل لکيو ھيو جنھن جو ڪجھه ٽڪرو ھتي پيش ڪرڻ لازم ٿو سمجھان، مون ابوالڪلام آزاد جي ھڪ چوڻي بابت لکيو ھيو، مولانا ابو الڪلام چيو ھو ته، تاريخ عالم جي سڀ کان وڏي نا انصافي ميدان جنگ کان، بعد ۾ عدالتن جي اڱڻ تي ٿيندي آھي. ۽ برطانوي وزير اعظم چيو ھو، ته اگر اسانجون عدالتون انصاف ڪري رھيون آھن، ته اسان ڪامياب آھيون.

ھاڻي قانون ۽  آئين کان ڪو به مٿانھون ڪونھي ۽ نه ئي ڪو بالاتر ٿي سوچي ته مان جيڪڏهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويھڻ وارو جج آھيان ته مون لاءِ سڀ گناھ معاف آھن يا مان جيڪو ڪيان ان ۾ ڪوبه منھنجو احتساب نه ڪري سگھندو ته معذرت سان اھو چوندس ته اوھانجي سوچ ۾ اهو اچي سگھي ٿو ته اوھان تي سڀ گناھ معاف آھن پر آئين پاڪستان ۽ قانون  پاڪستان جي بالادستيءِ ۽ وقار لاءِ وڙھندڙ آزاد عدالتن جي مٿانھين ڪرسين تي ويٺل جج صاحبان پنھنجي مختلف فيصلن ۾ اھو ڄاڻائي چڪا آھن ته قانون کان مٿانھون ڪوبه ڪونه آھي جيڪڏهن جج به قانون يا آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو ته کيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي ذمري ۾ اچي پاڻ کي پيش ڪري الزامن ھيٺ آيل پنھنجي وجود جي صفائي ضرور ڏيندو،

ھتي منھنجي علائقي ۾ ڪجهه جج صاحبان ته اھڙا آھن جن  جا فيصلا سپريم ڪورٽ جي فيصلن کان به مٿانھان آھن ۽ ڪجهه جج صاحبان کي ته خبر ئي ڪونه آھي ته ڪرڻو ڇاھي ۽ قانون ڇا ٿو چئي،؟

ڪجھه جج صاحبان عدالت عظميٰ جي ڪرسين تي ويھي پاڻ کي وقت جو خدا ٿا سمجھن ته وري ڪٿي سندن دست شفقت ھيٺ ھيٺيان قاضي به جلادي روپ ڌاري انصاف ۽ قانون جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ لاءِ پنھنجي وساڻ ڪون ٿا گھٽائن. ھتي عظميٰ عدالت جي اعليٰ جج جي تاريخي غلطي لکڻ چاھيان ٿو

پاڪستان جي اعليٰ عدالت جو چيف جسٽس جيڪو فيبروري 2022 ۾ پنھنجي سمورن غلط فيصلن سميت انصاف جي ڪرسيءَ تان فارغ ٿي ويندو ڇوته سندس آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينھن وڃي بچيا آھن..

عدالت عظميٰ جو ھي جج به پاڻ سان تاريخ ساز داغ کڻي فارغ ٿيندو 1 فيبروري 2022ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ھي جج پنھنجين سمورين انائن، ۽ لا قانونيت سميت  ٻن ڏينهن جي دوري تي بدين ۽ مٺي پهتل ھيو جتي هن مٺي ڊسٽرڪٽ بار سان به خطاب ڪيو ھن وقت ھي چيف جسٽس پوري پاڪستان جو چيف جسٽس آھي هن کي سنڌ جي دوري وقت آئيني، اصولي، قانوني ۽ اخلاقي طور سنڌ صوبي جي وڏي عدالت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس احمد علي شيخ کي پروٽوڪول طور پاڻ سان گڏ کڻڻ کپندو هو پر ھي صاحب جنھن ملڪ جي سڀني کان وڏي عدالت ۾ ويھي تاريخ جا سياح ترين فيصلا ڪيا ۽ پوري پاڪستان جي خاص طور سنڌ جي جڊيشل سسٽم کي ناڪارا ڪري پنھنجي من گھڙت فيصلن کي مڙھڻ لاءِ سندن استعمال ڪيو، ۽ پوري عرصي ۾ سنڌ ۽ سنڌي چيف جسٽس احمد علي شيخ خلاف سازشون ڪندو رهيو .

وڏي ڳالھه اھا صاحب موصوف بگڙيل باغ جسٽس احمد علي شيخ جي سينارٽي کي نظر انداز ڪندي سنڌ مان هڪ جونيئر جج جسٽس محمد علي مظھر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ مان جونيئر جج عائشه ملڪ کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ مستقل جج طور کنيو جيڪو تاريخ جو ھڪ وڏو الميو ۽ راتاھو آھيَ، جنھن کي سنڌ سدائين سياح باب طور پڙھندي ۽ جک کائيندي ياد ڪندي،سنڌ جي وسيلن تي راتاھا ھڻڻ وارو عمل ته صدين کان ھلندو پيو اچي پر وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي احتجاج ڪرڻ باوجود  جسٽس احمد علي شيخ جو سپريم ڪورٽ جي ايڊھاڪ جج وارو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو جنھن تي آئين جي پاسداري ۽ قانون جي بلادستيءَ لاءِ ۽ ايندڙ نسلن جي بقا خاطر جسٽس احمد علي شيخ عارضي جج طور حلف کڻڻ کان انڪار ڪرڻ  ته تعصب پرست عظميٰ عدالت جي اعليٰ جج جون وايون بتال ڪري ڇڏيون! جنھن سبب ڪري سنڌ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ مختلف طريقن سان کيس ھيسائڻ جي ناڪام ڪوشش پڻ ڪئي وئي، پر ان ناڪامي کانپوءِ وري سنڌ جي چيف جسٽس خلاف تقررين وارو ڪيس آندو ويو  پر ان ۾ به ناڪامي نصيب ٿيس پو دل جي درد جي  آخري دوا خاطر عظميٰ عدالت جي اعليٰ جج ويندي ويندي  سنڌ جي ماتحت عدالتن جي بار ۽ ڪورٽن جي وزٽ ۾ سنڌ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي باءِ پاس ڪري ماتحت ججن سان دورو ڪيو اھا ھڪ سنڌي جج جي توھين ناھي پر عظميٰٰ عدالت جي اعليٰٰ جج جي سوچ آھي ته ھو ايئن ڪري تاريخ جي پنن ۾ پاڻ کي مھان لکرائيندا خير 20 ڏينهن بعد عظميٰٰ عدالت جو اعليٰٰ جج پنھنجي ڪريسيءَ تي قائم نه هوندو پر جسٽس احمد علي شيخ  سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پوءِ به رهندو. پر احمد علي شيخ صاحب اوھان کي به گذارش ڪنداسين ته عظميٰٰ عدالت جي اثر سبب سنڌ جي ڪجھه ماتحت عدالتن جي مزاج ۾ پڻ ڦيرو اچي چڪو آھي ان کي نظر ۾ رکڻ اوھانجي فرضن ۾ شامل آھي، ڇوته آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ آزاد عدليه اهي بنيادي شيون آهن جن سان نه رڳو ملڪ ۽ سماج مضبوط ٿيندو پر جمهوريت به پنهنجون پاڙون پختيون ڪري سگهندي. عدالتي نظام جي پيچيدگين جي ڪري اسان جو سماج سخت ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي چڪو آهي. مٿين ڪرسين تي ويھي قاضين جي پاران قانون جي غلط تشريح ڪرڻ سبب اسان جون عدالتون عوامي خواهشن ۽ جمهوري اصولن مطابق انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿينديون پيون وڃن. جنھن جو ذڪر اوھان پاڻ ڪافي تقريبن ۾ پڻ ڪري آيا آھيو ان ڪري عدالتن جي نظام کي بھتر ٺاھڻ لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر اوھانجون ذميواريون ٻيڻيون ٿي چڪيون آھن. جنھن کي اوھان پنھنجي ڏاھپ سان بھتر ٺاھي سگھو ٿا! ۽ ماتحت عدالتن جي قاضين جي ڪيل فيصلن کي پڻ نظر ۾ رکي سندن اصلاح ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار نڀائڻ تي قوم اوھان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھڻ لاءِ ھر وقت تيار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.