مري جو حادثو عمراني حڪومت جي نا اهلي جو چٽو ثبوت آ

تحرير :طفيل مگسي

تازو مريءَ وارو واقعو حقيقت ۾ اسان جي گڏيل ضمير جو هڪ عظيم.حادثو آھي ته اسان جنهن نام.نهاد جمهوريت جي وسيلي هر هر بيغرت حڪمرانن کي چونڊيو آھي.اهي ئي حڪمران جن جو فرض ھوندو آھي ته اهي ماڻھن جون زندگيون بچائين.ماڻھن جي چرپر تي ڪڙي نگاهه رکن .ليڪن افسوس ائين ڪڏھن به نه ٿيو.

اهي حڪمران جيڪي ڪالھه مري ۾ سياحن جي موجودگي کي معيشت جي ڪاميابي قرار ڏيندي ٿڪا ئي نٿي .اڄ مري حادثي جي ذميواري نڪ پڪائي سان انهن ماڻھن تي وجهي رهيا آھن.جي ان حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن يا جيڪي اتي ڦاٿل آھن.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سفاڪي.بيرحمي ۽ بيغرتي جي ڪا سڃاڻپ آھي ته موجوده پاڪستان جي نام نهاد عمراني حڪومت اينڊ ڪمپني آھي.۽ ھن حڪومت ۾ به اهي ماڻھو آھن .جيڪي سالن کان حڪمران ٿيندا آيا آھن.ڪڏھن هوڏي ته ڪڏھن هيڏي.يعني گڏھ ساڳيا صرف آٿر مٽيل.

ماڻھو جتي فوجي جوانن جي ريسڪيو جون تصويرون رکي رهيا آھن .انهن کي گذارش به آھي ته اسان فوج جي سپاهين کي سلام ڪريون ٿا.ليڪن گڏوگڏ انهن جرنيلن جي احتساب جو مطالبو به ڪيون ته جن نا اهل فردن جي حڪومت کي هن ملڪ تي زبردستي مڙھيو آھي.

مري جي حادثي ۾ اها به پروڙ پئي آھي ٿه اتي جيڪي ڦاٿل ماڻھو رهيل آھن.انهن کان موجوده صورتحال جو ناجائز فائدو وٺندي هوٽل جا مالڪ ڳريون قيمتون وصول ڪري رهيا آھن.انهن جي خلاف پڻ حڪومت سخت قدم کڻي ۽ جيڪي انهيءَ عمل ۾ ملوث آھن انهن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي.

ايف ڊبليواو جو ڪم صرف ٽول ٽيڪس گڏ ڪرڻ ناهي هوندو بلڪ رستن تي ڪنهن به غير معمولي صورتحال کي رپورٽ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ھوندو آھي.جيڪڏھن اها ان ۾ ناڪام ٿي آھي ته ان اداري جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

پنجاب حڪومت ۽ سندس سياحت جو شعبو ان جو سڌوسنئون ذميوار آھي ۽ موسم جي وارننگ جاري ڪرڻ جي باوجود نيشنل ڊيزاسثر جي ڪاروائي نه ڪرڻ ڏوھ جي مترادف آھي.ان ڪري انهن ٻنهي کي به قانون جي ڪثھڙي ۾ آندو وڃي.

اسان رياست مديني ۾ رهون پيا .جنهن جو وزيراعظم عمران نيازي پاڻ تقرير ۾ اڪثر چوندو هو ته فلاڻي ملڪ ۾ وزير ان لاءِ استعيفا ڏني ته پل ڪري پئي هئي.جئهن وقت اهو رانديگر ملڪ جو وزيراعظم آھي ته ان کي فورن پنهنجي مثالن تي عمل به ڪرڻ کپي.اسان حقيقت ۾ حادثن جي ماريل قوم آھيون ته جنهن جي وڏي شھر ڪراچي ۾ برساتن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي نا اهلي جي سبب هڪ ڏينهن ۾ 150 ماڻھو موت جو شڪار ٿي ويا.ڇا اسان انهن سڀني کان ڪو سبق حاصل ڪيو؟ ڇا حڪومت ان مافيا جي خلاف ڪا ڪاروائي ڪئي؟

اسان بيڪار معاشري جو حصو آھيون ته جتي اسان محض حڪومتن جي تبديلي سان پنهنجيون اميدون رکيون پيا هوندا آھيون ۽ اڳوڻين حڪومتن جا نامي گرامي چور نئين حڪومت جو حصو هوندا آھن.

فواد چوڌري.حفيظ شيخ.شوڪت ترين.شاه محمود قريشي.پرويز خٽڪ.محمد ميان سومرو کان وٺي ڪري عمرايوب تائين ساڳئي فهرست آھي.جيڪڏھن اسان اڃا به انهن بيغرت ۽ بي نسل حڪمرانن کان اميدون رکيون پيا هونداسين ته يقين ڪيو ته سدائين ائين ئي هونداسين.مري حادثو به جيڪڏھن اسان جي قومي شعور کي بيدار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته شايد ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو حادثو اسان جي اوسيئڙي ۾ ھوندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.